پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو مونوگرام

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو مونوگرام

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ1

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ: پي. سي. بي جي مخفف سان مشهور هن بورڊ جو افتتاح پهرين مئي 1948ع تي پهريان ”ڪرڪيٽ ڪنٽرول بورڊ آف پاڪستان“ جي نالي سان ڪيو ويو. وري جلد ان جو نالو ”بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان پاڪستان“ (BCCP) رکيو ويو. جنهن جي پهرين گـڏجـاڻي لاهـور جـيـمـخــانـي جــي ميٽنگ هـال ۾ ٿي هـئـي، تـڏهــن نـواب افتخار حسين کي ان جو صدر/ چـيـئرمـئـن ۽ جـسـٽـس اي. آر. ڪارنيـلـيـس کي وائيـس چيئرمئن ڪيو ويو. تنهن کان سواءِ ٻه ٻيا به وائيس چيئرمئن هوندا هئا، پر ٽنهي مان صرف هڪڙو وائيس چيئرمئن فعال هوندو هو. پوءِ ايوب خان جي دؤر ۾ ٽي ٻيا وائيس چيئرمين رکيا ويا. هن وقت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (PCB) هڪ ذميوار بورڊ جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جو ڪم ڪرڪيٽ سان لاڳاپيل سمورا انتظام ڪرڻ آهي. هن وقت ڪرڪيٽ بورڊ مختلف بئنڪن ۽ نجي ادارن جي مدد سان ملڪي توڙي بين الاقوامي ڪرڪيٽ مئچون منعقد ڪرائي ٿو. ون. ڊي، توڙي ٽيسٽ مئچ سان گڏ اڄڪلهه ٽوئنٽي-20 مئچون به ملڪي سطح تي کيڏيون وڃن ٿيون. سڀني مئچن ۾ رانديگرن جي چونڊ، سندن سفري ۽ رهائشي سهوليتن جو بندوبست پڻ بورڊ ڪندو آهي. 1992ع ۾ ٿيل ٻي ’ورلڊ ڪپ‘ سيريز ۾ سوڀ پاڪستان جي نصيب ۾ آئي. ان بعد ٿيل ٻنهي ”ورلڊ ڪپ سيريز“ ۾ پاڪستان شڪست کاڌي، جنهنڪري قومي ٽيم جي ڪجهه رانديگرن سان گڏ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظاميه کي پڻ ڪرپشن، مئچ فڪسنگ وغيره جهڙا الزام ٻڌڻا پيا. اهڙي تنقيد ۽ دٻاءَ سبب پرويز مشرف جي دؤر ۾ چونڊيل پي. سي. بي چيئرمئن ڊاڪٽر نسيم اشرف 2008ع ۾ استعيفا ڏني. هن وقت (2010ع ۾) پي. سي. بي جو چيئرمئن اعجاز بٽ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.05.01  عيسوي

پي.سي.بي جو افتتاح پهرين مئي 1948ع تي پهريان ” ڪرڪيٽ ڪنٽرول بورڊ آف پاڪستان “ جي نالي سان ڪيو ويو



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دُور درشن
پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز
بين الاقوامي مالياتي فنڊ
پاڪستان اسٽيٽ آئل
سائوٿ سٽي اسپتال ڪراچي
سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن
سنڌي اڪيڊمي دهلي
آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتبخانو:
ايم آر ڊي
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون